تون ساگر مان لهر

تون ساگر مان لهر

تون ساگر مان لهر

تون ساگر مان لهر (ڪتاب ):برک شاعر پرڀو ’وفا‘ جي شاعريءَ جو هي پنجون مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل، گيت، ڪافيون، لاڏا، نظم، بيت، ڇايا چتر، شرڌانجليون ۽ تصويرون (ٽه سٽا) آهن. هي ڪتاب لوڪ سُر پبليڪيشن بمبئيءَ پاران جنوري 1993ع ۾ هيري چاولا ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 141 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 70 روپيا آهي. پرڀو وفا هي ڪتاب لوڪ سُر جي ڪلاڪارن/ فنڪارن کي ارپيو آهي، جن سندس ڪلامن کي سُرن سان سجائي عام جي دلين تائين پهچايو آهي. هن شعري مجموعي جو مهاڳ نامور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته: ”1954ع ڌاري ٻه تنظيمون: سنڌي ساهت منڊل‘ (سنڌي ادبي سنگت) ۽ ’لوڪ سر‘ سرگرم هونديون هيون. لوڪ سر ڪلاڪارن جي تنظيم هوندي هئي، ان ۾ پرڀو وفا جو ڀاءُ رتي ڇڳاڻي ’وفا‘ جا گيت ڳائيندو هو ۽ ساڻس وفا جي ڀيڻ ڪملا ڇڳاڻي به ساٿ ڏيندي هئي. ائين وفا جي شاعريءَ سان منهنجي سڃاڻپ ٿي. مان بنا هٻڪ جي وفا کي سنڌيءَ جي سٺن شاعرن مان هڪ ڳڻيان ٿي. هن قدرت جي سندرتا، انساني من جي امنگن، ارمانن، ڀاونائن ۽ جذباتن، سنڌ جي ياد، سنڌين جي خوبين وغيره وشين (موضوعن) تي شعر چيا آهن. هن جي شعرن ۾ فني پختگيءَ سان پيش ڪيل روماني ذڪر اهڙا آهن، جي دائميت ڏين ٿا. هن جي شعرن سنڌيءَ کي سنگيت ميه شبد (سنگيت ڀريا لفظ) ڏئي، ان کي وسيع بڻايو آهي. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو